”پي ڪي“ جي ڪاميابيءَ  جي خوشيءَ ۾ جشن، فلمي ستارن جي شرڪت

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي باڪس آفيس تي پراڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙيندڙ ڀارتي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ انوشڪا شرما جي گذريل سال رليز ٿيل ايڊوينچر ڪاميڊي فلم ”پي ڪي“ جي ڪاميابيءَ  جي خوشيءَ ۾ فلم ٺاهيندڙن پاران هڪ عاليشان پارٽي ڏني وئي ۽ جشن ملهايو ويو. ان پارٽي ۾ بالي ووڊ اسٽارن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان جشن کي ملهائڻ لاءِ اميتاڀ بچن، انيل ڪپور، رنوير سنگهه، دپيڪا پڊڪون، پاڻ انوشڪا شرما ۽ اداڪارائن جي ”عامر خان“ ڪنگنا رناوت به پهتي. جڏهن ته انيل ڪپور به عامر جي سپر هٽ فلم جو جشن ملهائڻ لاءِ پارٽيءَ کي چار چنڊ لڳايا. جشن جي اهم ڳالهه عامر خان جو خاندان سميت اچڻ هو، جنهن ۾سندس ڌي آريا به شامل هئي. ”پي ڪي“ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ 620 ڪروڙن جو رڪارڊ ناڻو ڪمايو آهي، چين ۾ رليز ٿيڻ کان پوءِ ”پي ڪي“ پهرين ڀارتي فلم به آهي جنهن پرڏيهه ۾ سئو ڪروڙ ڪمايا هجن، فقط 100 ڪروڙ چين جي سينما گهرن مان ميڙيا ويا. عامر خان سان گڏ ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ اڳوڻي زال رينا، موجودا زال ڪرن رائو ۽ ڀاڻيج عمران خان به پهتو. سڄي محفل ۾ عامر جي ڌيءَ اريا ڇانيل رهي، جنهن پنهنجي ڏاڏيءَ زينت حسين سان گڏ سيلفي تصوير پڻ ٺهرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *