پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي جا ملڪ ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا

لاهور /اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي جي اهتمام هيٺ ملڪ ۾ مهانگائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي حڪومت جي خلاف نعرا درج هئا. تفصيل موجب پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڪراچي لاهور پشاور، ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ گير احتجاني مظاهرا ڪيا ويا مختلف شهرن ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيا ۽ حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مظفر ڳڙهه ۾ جامعه مسجد مان ريلي ڪڍي وئي، مري مال روڊ تي شاهد خاقان عباسي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جهنگ ۾ وقار سي اين جي پمپ ايوب چوڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو ٻئي پاسي استور ۾ مهانگائي جي خلاف مسلم ليگ (ن) استور جي اهتمام هيٺ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مهانگائي خلاف مظاهري سبب گلگت راولپنڊي روڊ تي ٽريفڪ بيهجي وئي جنرل سيڪريٽري رانا فاروق چيو ته 29 آڪٽوبر تي ضلعي ۾ ڦيٿا روڪ ۽ احتجاج ڪنداسين سکر ۾ (ن) ليگ جي ڪارڪنن گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو لاڙڪاڻو ۾ (ن) ليگ مان جناح باغ چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو جيڪب آباد ۾ پيپلزپارٽِ هاءِ ڪميٽي احتجاجي ريلي ڪڍي. چمن ۾ پي ڊي ايم ميزئي اڏا ۾ احتجاج ڪيو ۽ ڪوئٽا چمن شاهراه تي ريلي ڪڍي جنهن سبب ڪوئيٽا چمن شاهراه تي ٽريفڪ جي رواني بند ٿي ويئي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ زيارت ماٿري ۾مهانگئي جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ ٿرڻو هنيو گنجرانوالا ۾ چندا قلعا باءِ پاس ويجهو رستابند ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر رکيا ويا.   ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عام واهپي جون شيون مهانگيون نه صفا مهانگيون ڪيون ويون آهن، نااهل حڪمرانن هٿان ملڪ يرغمال رهڻ نه ڏينداسين. پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ن ليگ پنجاب جي تخت گاهه لاهور ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ خواجا سعد رفيق، اياز صادق سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي خواجا سعد رفيق خطاب ڪندي چيو ته عام واهپي جون شيون مهانگيون نه صفا مهانگيون ڪيون ويون آهن، پي ٽي آءِ ترقي ڪندڙ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته انهن نالائقن، نااهلن ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ حڪمرانن هٿان پاڪستان کي يرغمال رهڻ نه ڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *