پي ڊي ايم وارا نه آر ٿيا ۽ نه پار، رڳو خوار ٿيا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي نه آر ٿيا نه پار ٿيا پر هي رڳو خوار ٿيا آهن، گوجرانوالا جلسي ۾ پاڪ فوج جي خلاف زهر اوڳاڇيو ويو، ڪراچي جلسي ۾ قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي وئي، ڪوئيٽا جلسي ۾ پاڪستان ٽوڙڻ جو پيغام ڏنو ويو، لاهور جلسي ۾ لاهورين کي غدار سڏيو ويو. سومر تي ٽوئٽر تي بيان ۾ شبلي فراز چيو ته لاهور جو جلسو هڪ فلاپ شو هو، عوام کين سندن موقف سميت رد ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ۽ پنجاب جي شهرين طرفان جلسي ۾ نه اچڻ سان پي ڊي ايم اڳواڻن جا منهن لٿل هئا.   وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت کي بهرحال اپوزيشن کي رستو ڏيڻ گهرجي ۽ ڳالهين جي شروعات ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ پاڻي هجي ها ته اچڪزئي جهڙن ڪيترن ئي بيوقوفن کي ٻڏڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ها، اها الڳ ڳالهه آهي ته هو نڪ جي پڪائي سان نه ٻڏي ها، گذريل ڏينهن جو جلسو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ اپوزيشن جو موقف پنهنجي موت پاڻ مري ويو آهي. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *