پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ استيعفا ڏيڻ جي ڳالهه کان هٽي اسان جي ڳالهه مڃي ها ته حڪومت گهر ڀيڙو ٿي چڪي هجي ها: ناصر شاهه

سکر (اين اين آءِ) سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين ساهه چيو اهي ته پي ڊي ايم جيڪڏهنل انگ مارچ ۽ استيعفا ڏيڻ جي ڳالهه کان هٽي اسان جيبي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ڳالهه مڃي ها ته هي حڪومت اڄ نظر نه اچي ها اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر آئي بي اي يونيورسٽي ۾ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگرديانين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب کان پو3 صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي بلدياتي قانون تي اعتراض ڪندڙ پيٽي آئي جي پنهنجن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ الڳ الڳ بلدياتي قانون ڇو آهي. جيڪڏهن ان جو ڪي پي ڪي ۾ انجو بلدياتي قانون ايترو سٺو آهي ته هاڻي ان ۾ ڇو ترميمون ڪيونپ يون وڃن ۽ اتي اي سيز کي اختيار ڏنا پيا وڃن سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا ڪي بي ٽوڊور رابطا نه آهن سندس چوڻ هو ته بلدياتي قانون ۾ اپوزيشن جي مشاورت شامل آهي هاڻي هي تحريڪ هلائين يا ڪجهه به ڪن هي ماڻهو ڀڄڻ چاهين ٿا ڇو ته سندن ڌانڌلي واري سياست ختم ٿي چڪي آهي ناصر حسين شاهه چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اهو سڀ کان وڏو الميو آهي ته هاءِ پروفائيل ڪيسن جا جوابدار پراپر طريقي سان آخري انجام تائين نه پهتا آهن جنهن جي ڪري عوام کي شڪ ٿي رهيا آهن ۽ ايئن ئي محترمه بينظير ڀٽو جي ڪيس ۾ به ٿيوآهي سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت جي ڳالهه ڪئي آهي ڪڏهن به انتقامي سياست ناهي ڪئي ان جي پنهنجي قربانين جي تاريخ آهي سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير جيورسي تي سي اي سي جو اجلاس معمول مطابق ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورحال جو به جائزو ورتو ويندو ٿي سگهي ٿو ڪجهه اهم فيصلا به ٿين سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جينااهلي جي ڪري بجلي جييونٽ ۾ 22 رپيا اضافو ٿيو آهي انک ان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمينبلاول ڀٽو نوجوانن کي اهميت ڏي ٿو ۽ سندن هدايتن تي سنڌ حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪري رهي آهي سنڌ حڪومت پاران سرسو جي تعاون سان صوبي جي ٻهراڙين۾ عورتن کي روزگار ڏيڻ لاءِ جاري پروگرام سان هن وقت تائين 13 لک خاندان فائدو وٺي چڪا آهن نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ قرض ڏنا ويندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *