پي ڊي ايم حڪومت کي 31 جنوري تائين اقتدار ڇڏڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ (پي ڊي ايم) حڪومت کي 31 جنوري تائين مستعفيٰ ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سربراهي اجلاس کان پوءِ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز سان جاتي امرا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 31 ڊسمبر تائين پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين جا چونڊيل اسيمبلي ميمبر پنهنجون پنهنجون استعيفائون قيادت کي جمع ڪرائينديون. حڪومت 31 جنوري تائين مستعفيٰ ٿي وڃي. جيڪڏهن حڪومت ڏنل مهلت تائين استعيفيٰ نه ڏني ته پهرين فيبروري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو جيڪو لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪندو. پر عوام کان اپيل آهي ته هو لانگ مارچ جون تياريون شروع ڪري. هن چيو ته مينار پاڪستان جي تاريخي جلسي کان پوءِ پي ڊي ايم پڌرائي به جاري ڪئي آهي. پي ڊي ايم سٽيئرنگ ڪميٽي جو صوبن کي لانگ جي تياري جي سلسلي ۾ جاري ڪيل شيڊول بدستور برقرار آهي. هر صوبي ۾ ميزباني ڪميٽيون صوبائي قيادت سان گڏجي  لانگ مارچ جي حتمي تياريون ڪنديون.سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي منشور تي چونڊ وڙهنديون آهن. اسان سموريون پارٽيون اهڙو قدم نه کڻنداسين جنهن سان جمهوريت کي ڪو نقصان ٿئي. جيڪڏهن موجوده حڪومت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ته پوءِ پي ڊي ايم سان مشاورت ذريعي ڳالهين جو فيصلو ٿي سگهي ٿو. مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو ته ن ليگ جي اجلاس ۾ جلسي جي ناڪامي تي ناراضي جون غلط خبرون هلايون ويون جنهن جي اسان ترديد ڪيون ٿا. مون جلسو ننڍو رکڻ جي ڳالهه ضرور ڪئي ڇو ته ڪيترائي رش سبب اندر نه پئي اچي سگهيا. ماڻهو ڪلاڪن تائين بيٺا رهيا ۽ رش جي ڪري ڪرسيون خبر ناهي ڪيڏانهن غائب ٿي ويون. هن چيو ته ايتري سيءَ جي باوجود عوام جي رش ۽ جوش گهڻو هو. ڪورونا، حڪومتي پروپيگنڊه، پاڻي ڇڏڻ جي باوجود لاهور ڪنهن شئي جي پرواهه نه ڪئي. حڪومت کي به حقيقت جي خبر پئجي چڪي آهي ۽ هنن وٽ ماتم لڳو پيو آهي. اسان هاڻ عوام جي عدالت ۾ وڃي چڪا آهيون، هاڻ سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کي پوئتي هٽڻو ئي پوندو مريم نواز هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پي ڊي ايم کي چونڊ اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو. اسان گڏيل عوامي ايجنڊا تي متفق آهيون. عمران خان جي استعيفيٰ کان پوءِ اسان چونڊ حريف ئي آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڀ هڪ آهيون ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان فيصلو ڪنداسين. هاڻ ڳالهين نه پر عمران خان جي استعيفيٰ جو وقت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف سان تعزيت لاءِ جيل وڃي رهيو آهيان. استعيفائن جي حوالي سان حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *