پي ڊي ايم به اهو ئي پئي ڪري جيڪو پ پ چيو، الڳ ٿياسين استعيفيٰ ناهي ڏني: سعيد غني

اسلام آباد (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر سعيد غني چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڪجهه پارٽين پيپلزپارٽي تي استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پيپلزپارٽي استعيفيٰ ڏيڻ مناسب نه سمجهو ۽ پي ڊي ايم کان الڳ ٿي وئي. سعيد غني چيو ته پي ڊي ايم جي پارٽين استعيفيٰ ڏيڻ ۽ لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪري رهيون هيون، پر پي ڊي ايم پارٽين نه ئي استعيفيٰ ڏني ۽ نه ئي لانگ مارچ ڪيو، اهو ئي ڪيو پيو وڃي جيڪو پيپلزپارٽي چئي پئي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۽ پيپلزپارٽي الڳ الڳ ٿي ويا، فائدو وفاقي حڪومت ۽ نقصان عوام کي ٿيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن ڪنهن کي به خبر ناهي، ناڻي واري وزير چيو هو ته بجلي ضرور مهانگي ڪنداسين. پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته پي سي بي آئين جي تحت خودمختار آهي، اسٽيٽ بينڪ جو ادارو به خود مختار آهي پر مداخلت ڪئي پئي وڃي، نالائق حڪومت جو ٻوجهه عوام تي پئجي رهيو آهي. سعيد غني چيو ته اسان وٽ بلدياتي ادارن پنهنجو مدو پورو ڪيو بلدياتي چونڊون ڪرائڻ اسان جي لاءِ ضروري آهي، چونڊن ۾ دير سنڌ حڪومت جي ڪري ناهي. سندس چوڻ هو ته آئين موجب نيون تڪ بنديون ضروري آهن، مردم شماري تڪراري هئي، انڪري نيون تڪ بنديون نه ٿي سگهيون، ڪجهه مهينن ۾ ئي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته پرائيس ڪنٽرول جا کاتا صوبي وٽ هوندا آهن، مهانگائي سڄي ملڪ ۾ آهي، وفاق ۽ وزير سنڌ حڪومت تي الزام هڻندا آهن، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر پارٽي سان گڏ ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪمند جي ڪرشنگ 15 لک ٽن ۽ پنجاب ۾ 37 لک ٽن آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *