پي ٽي آئي جي نااهل حڪومت جي مسلط ٿيڻ سان بيروزگاري ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آهي: پيپلز پارٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري اڄ ڪلفٽن ڪراچي ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آهي ته اڄ اسان کي تمام گهڻو ڏک ۽ تڪليف پھتي آهي ته پاڪستان جتي اڳ ئي بيروزگاري جي ابتر صورتحال آهي ويتر پي ٽي آئي جي نااهل حڪومت مسلط ٿيڻ سان انهيَ  ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آهي اڄڪلھ ملڪ ۾ تيزي سان ماڻهن کي بي روزگار ڪيو پيو وڃي انھيءَ عمل تي پيپلز پارٽي  افسوس ۽ ڳڻتيءَ جو اظھار ڪري ٿي،  ھن چيو ته سپريم سپريـم ڪورٽ جي ھڪ فيصلي جي سھاري صرف ھڪ نوٽس ذريعي يارنھن وفاقي کاتن مان ماڻهن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو پيو وڃي جيڪو نھايت ئي افسوسناڪ عمل آهي هن چيو ته ھنن برطرف ٿيندڙ وفاقي ملازمن جو ڪيس 2012 سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ويو ۽ 2019 تائين ھلايو ويو هاڻي 2021 ۾ سپريم ڪورٽ پاران ان جو تفصيلي فيصلي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ھي اھي ماڻھو آھن جن کي 1996 ۾سياسي انتقام جو نشانو بنائي انھن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو  بعد ۾ 2010 دوران قانونسازي ڪري کين ٻيھر بحال ڪيو ويوـ  شازيه مري چيو ته شايد هي نااهل حڪومت انتظار ڪري رهي هئي ته اھڙو فيصلو اچي ته پوءِ اهي ماڻهن کي گھر ڀيڙو ڪن ـ موجوده حڪومت ڪوڙي ـ بي حس ۽ نااهل حڪومت آهي جنهن عوام کي ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو ڪوڙو واعدو ڪيو ھو ۽ هاڻي ماڻهن کي بي روزگاز ڪري رهي آهي. ھن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪريون ٿا ته پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽وفاقي کاتن مان برطرف ٿيندڙ ماڻهن کي بحال ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته موجودا حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ 10 جون تي صرف ھڪ نوٽس ذريعي سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙن 8 وفاقي ملازمن کي بنا جوزا برطرف ڪري ڇڏيو نااهل حڪومت اڳي به ساڳي ريت ماڻهن کي اسٽيل ملز ۽ ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين کاتن مان برطرف ڪري چڪي آهي ـ ھن چيو ته اسان کي اميد نه هئي ته سپريم ڪورٽ اھڙو فيصلو ٻڌائيندي جنهن معزز جج ھي فيصلو ٻڌايو اھو ٻئي ڏينهن تي رٽائرمنٽ وٺي عوام کي تڪليف وارو فيصلو ڏئي ھليو ويو. هن چيو ته هن حڪومت اڄ تائين ماڻهن کي نوڪريون نه ڏنيون آهن پر پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ماڻهن جي گهرن جا چولها وسايا ويا آهن. شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي کي ماڻهن کي برطرف ڪرڻ واري عمل تي تمام گهڻو ڏک ۽ تڪليف آهي ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ھن چيو ته گذريل ڏھاڙي سوئي سدرن گيس کاتي جي 2،600 ملازمن کي  صرف هڪ نوٽيس ذريعي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي ۽ ان کي حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي  جي حڪم جي پيروي قرار ڏنو ويو جڏهن ته حڪومت کي هن فيصلي تي سپريم ڪورٽ آڏو اپيل ڪرڻ گهرجي ها ـ جيڪڏھن عمران خان ۽ ٻيا وڏا ماڻھو سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري ڪانسٽيٽيوشن ايونيو ون جي ملڪيت واپس حاصل ڪرڻ لاء سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سرخرو ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ھنن برطرف ڪيل ملازم کي به رليف ڇو نٿو ملي سگھي؟ پاڻي بحران تي ڳالهائيندي ھن چيو ته هن وقت سن صوبي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنهن جو بنيادي سبب ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪينال آهن جيڪي پاڻي بحران دوران ھلايا پيا وڃن اهي ڪينالز  فوري طور بند ڪيا وڃن ۽ 1991 ع واري پاڻي معاهدي تحت صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ  کي يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو ته  ڪجھ ماڻھو ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاھين ٿا جن ڪڏھن مذهب جي نالي تي ۽ ڪڏھن نسل ۽ ٻوليءَ جي نالي تي ماڻھن  کي وڙھايو ۽ ھاڻ  پاڻيءَ جي مسئلي تي ماڻهن کي وڙھائيڻ چاھين ٿا. شازيه مري پاڪستان ميڊيا ڊوولپمنٽ اٿارٽي تي ڳالهائندي چيو ته منهنجي نظر ۾ پي ايم ڊي اي ڪا ڊولپمينٽ اٿارٽي نه  پر پاڪستان ميڊيا ڊزاسٽر اٿارٽي آهي، اها بدترين ميڊيا سينسر شپ جو هڪ ذريعو آهي، جنهن ذريعي اسان آوازن کي دٻائڻ ۽ آزادي راءِ ۽ سوچ کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اڄ هڪ صحافي کي ان لاء  سزا ڏني پئي وي ته هو پنهنجي  آزاديءَ راءِ جو اظهار نه ڪري. ھن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت صحافين کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، هنن بهادر صحافين دهشتگردي سان مقابلو ڪيو آهي. ھن چيو ته حڪومت پاران صحافين جي اظهار جي آزادي کي محدود ڪرڻ لاءِ ميڊيا ڊيزاسٽر اٿارٽي قائم ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪيا ويا آھن ۽ اطلاعات وارو وفاقي وزير ان بابت ڪوڙ ڳالهائي رھيو آھي، سندس وزارت پروپيگنڊا واري وزارت طورڪم ڪري رھي آھي ماڻهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ پي ايم ڊي اي آرڊيننس کي نئين سنسرشپ طور نافذ ڪيو پيو وڃي ـ ٻئي طرف نااھل نيازي حڪومت ميڊيا پروٽيڪشن جي ڍونگ کي متعارف ڪرائي دنيا کي پنهنجو سافٽ اميج ڏئي رهي آهي ، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي رد ڪري ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *