پي ٽي آئي جي آڇ رد، عمران خان تسليم ڪري ورتو ته هو تياري ڪري نه آيو هو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب واضح ڪيوت ه عمران خان صاحب ڪن کولي ٻڌي ڇڏ اليڪشن حڪومت جو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان پو3 ئي ٿيندي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان اتحادي حڪومت ڪندي اوهان پنهنجي گهر وڃي ويٺا عمران خان تسليم ڪري ورتو ته هو تياري ڪري نه آيو هو ان جي سموري تياري خوني مارچ، هٿيار ۽ ڏنڊا گڏ ڪرڻ تي هئي جڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم آيو ان وقت ڪائي رڪاوٽ نه هئي اوهان آواز ڏيندا رهيا ماڻهو نه آيا خيبرپختونخواه حڪومت 35-35 لک رپيا لانگ مارچ جي وسيلن لاءِ ڏنا عمران خان 35 هزار ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيو 4 سال ملڪ تي مڙهيل رهيو عمران خان معيشت جو قتل ڪيو ۽ آئي ايم ايف جي معاهدي تي صهيحون ڪيون جنهن سبب پيٽرول مهانگو ٿيو ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان حيران ڪندڙ ۽ پريشان ڪندڙ انڪشاف ڪيا عمران خان جي ڪوڙي بيانئي تي سندس ورڪرز گمراهه آهن عمران خان پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي ۽ هو شڪست تسليم ڪري واپس هليو ويو مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان خوني انقلاب جو اعلان ڪيو هو عمران خان 35 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪري سگهيو مريم اورنگزيب چيو ته جنهن اوهانکي پريس ڪانفرنس جو مشورو ڏنو ان وڏي زيادتي ڪئي پريس ڪانفرنس جو مشورو ڏيندڙ عمران خان کي سٺو مشورو ناهي ڏنو هن چيو ته اسلام آباد اوهان اچي چڪا هئا اوهان ايف 8 تائين اچي چڪا هئا ٻڌايو ته رستي ۾ ڪنهن روڪيو اسلام آباد پهچڻ تي عمران خان جي گاڏين جو انگ 15، 20 ٿي ويو هو عمران خان ٻڌائي ته ڪهڙي رڪاوٽ کيس روڪيو عمران خان کي اهڙي حالت ۾ گوريون کائي سمهي پوڻ گهرجي. هن چيو ته قومي سلامتي ۽ چارٽر آف اڪانومي تي ويهڻ لاءِ تيار نه ٿيندڙ هاڻي ويهڻ لاءِ تيار آهي. هنچيو ته جيڪو جلسو نه ڪري سگهيو اهو لانگ مارچ ڇا ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *