پي ٽي آئي جا ارسطو خوابن مان نڪري حقيقي دنيا ۾ اچن: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي پورهئي ۽ سڌسماءَ واري وزير سعيد غني اسد عمر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پي ٽي آئي جا ارسطو خوابن مان نڪري حقيقي دنيا ۾ اچن پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو ته پئسن عيوض پنجاب، خيبرپختوخنواه ۽ اسلام آباد ۾ بدليون ٿي رهيون آهن پي ٽي آئي جي ٽن سالن واري دور ۾ هر کاتي جي ڪيترن ئي سيڪريٽرين جون بدليون ڇو ٿيون آهن هن چيو ته ارسطو پهريان ڪيترائي آئي جيز، ڊي آئي جيز، ڊي پي اوز جي بدلين جا سبب ٻڌائين سعيد غني چيو ته اسد عمر ٻڌائي ته عثمان بزدار ڪنهن جي چٺي تي آيو آهي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ نوڪريون شفاف نموني سان ڏنيون پيون وڃن سنڌ ۾ تازو ئي 47 هزار استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن سعيد غني چيو ته اسد عمر کي نااهلي جي بنياد تي نوڪري مان پوءِ وزارت مان ڪڍيو ويو اهي اسد عمر قوم کي ٻڌائي ته کيس ٻيهر وزارت ڪنهن جي چٺي تي ملي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *