پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا ،حڪومت پاران ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت جلد آريڊيننس جاري ڪرڻ جي خاطري

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا،حڪومت ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت جلد آريڊيننس جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، عارف علوي سمورا معاملا طئه ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فيصلن تي عملدرآمد بعد پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت به ڪئي ويندي. ذريعن موجب ڌانڌلين جي جاچ لاءِ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾عدالتي ڪميشن جي قيام ۽ ڳجهن ادارن جي شموليت سميت ٻين نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي،جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ جلد آريڊيننس جاري ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڌانڌلين جي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٿيل معاهدو عوام آڏو آندو ويندو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي سمورا معاملا طئه ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته حڪومت جڊيشل ڪميشن جي قيام تي راضي ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت آرڊيننس ذريعي جاري ڪيو ويندو. عارف علوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت پاران سمورن فيصلن تي عملدرآمد بعد پي ٽي آءِ جا ميمبر پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت به ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *