پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ حڪومتي تجويز رد ڪري ڇڏي، وزير اعظم ڳالهين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) ڳالهين لاءِ حڪومت جي تجويز تحريڪ انصاف رد ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي پلان سي تي ڀرپرو عملدرآمد جو اشارو ڏئي ڇڏيو ذريعن مطابق وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اهم وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي ذميوارن جو اجلاس ٿيو جنهن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصافن سان ڳالهين جو اشارو ڏنو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ سان ون پوائنٽ ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، وفاقي خزاني واري وزير اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف احتجاج ملتوي ڪري ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو ته تحريڪ انصاف ڳالهين تي آمادگي جو اظهار ڪيو جڏهن ته قيادت احتجاج ملتوي ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي عمران خان فيصل آباد ۾ هڙتال جي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *