پي ٽي آءِ پاران 30 نومبر تي اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ ڏنل درخواست تي اڄ فيصلو ڪيو ويندو:چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) حڪومت، پي ٽي آءِ پاران 30 نومبر تي اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ ڏنل درخواست تي اڄ فيصلو ڪندي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته چڙهائي کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪنهن کي به رياستي ادارن تي حملن جي اجازت نه ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته پي ٽي آءِ پاران 30 نومبر تي جلسي جي درخواستتي اڄ تائين فيصلو ڪيو ويندو. چوڌري نثار علي واضح ڪيو ته اسلام آباد تي چڙهائي کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،پرامن سياسي سرگرمين ۾ رنڊڪ نه وڌي ويندي،پر رياستي ادارن تي حملي جي اجازت ڪنهن به ريت نه ڏني ويندي. وفاقي گهرو وزير پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کي ٽيهه کان 40 ماڻهن جو ميڙ قرار ڏيندي چيو ته هو 10 اهلڪار اماڻي ڌرڻو ختم ڪرائي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته 30 نومبر جلسو پرامن رهيو ته اهو جمهوريت جو حصو هوندو، پي اي ٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن تي پوليس گوليون نه هلايون هيون. چوڌري نثار علي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ڪنهن به جنگ ۾ شامل ناهي،آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي آئي آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي وڌيڪ چيو ته نائين اليون تي حملو ڪندڙن جو پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي،جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان ڏنيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *