پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل ثبوت عدالت ۾ دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) جڊيشل ڪميشن، 2013ع وارين عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين جاچ جي سلسلي ۾ سڀاڻي پنجاب جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران تحريڪ انصاف پاران عام چونڊن دوران 74 تڪن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين بابت ثبوت پيش ڪيا ويا، جنهن تي حڪمران ليگ ۽ اليڪشن ڪميشن اعتراص واريا. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواد خواجا ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل ثبوتن جو جائزو ورتو ويندو. هـُن چيوته تحريڪ انصاف پاران نشاندهي ڪيل 74 مان 40 جا فيصلا اچي چڪا آهن. نون ليگ جي وڪيل شاهد حامد چيو ته تحريڪ انصاف پاران مبينا ڌانڌلين بابت پيش ڪيل ثبوتن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. اجلاس دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ناصر المڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف پاران پيش ڪيل ثبوت عدالت ۾ دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا. چيف جسٽس چيو ته سڀئي پنهنجو موقف پيش ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان حتمي فيصلو جوڊيشل ڪميشن ڪندي. جوڊيشل ڪميشن، ڌانڌلين جي جاچ جي سلسلي ۾ 16 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪندي پنجاب جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي اڄ ذاتي طور طلب ڪري اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *