پي ٽي آءِ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته وڏي وزير پرويز خٽڪ سينيٽ جي چونڊ دوران هارس ٽريڊنگ کي ناڪام بڻايو، هو مبارڪباد جو حقدار آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ميمبرن کي ڪروڙين رپين جي آڇ ٿي. هن چيو ته ٻين صوبن جي اميدوارن کي خيبرپختون خوا ۾ ٽڪيٽون نه ڏنيون ويون. هن چيو ته جمهوري اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف قابل ماڻهن کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني. هن چيو ته نواز شريف کي جمهوريت جي نه پر سيٽن جو فڪر آهي. عمران خان چيو ته نواز شريف آئيني ترميم جو ڊرامو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *