پي ٽي آءِ سرڪار کي پنهنجا ئي ماڻهو ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهن: وڏو وزير

ڀان سيد آباد (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار کي پنهنجا ماڻهو ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ اِن هائوس يا جمهوري طريقي سان تبديلي ايندي. بحرانن جهڙين حالتن ۾ اپوزيشن ليڊر جو پرڏيهه ۾ رهڻ مناسب نه آهي. ڀان سيد آباد ۾ دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو مختلف وقتن تي پنهنجي ئي حڪومت خلاف آواز اٿاري رهيا آهن، وفاقي سرڪار کان رڳو اپوزيشن نه، پنهنجي جماعت جا ماڻهو به ناراض آهن، ڪراچي مان چونڊيل ايم اين ايز به پي ٽي آءِ سرڪار سان ڪاوڙيل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته، لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت گهڻو عرصو نه هلي سگهندي، اڳتي هلي خبر پوندي ته ڪهڙي جماعت اڪثريت حاصل ڪري ٿي. آصف زرداري جي خاموشي تي پُڇيل سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته اڳوڻي صدر کي ميڊيڪل بُنيادن تي ضمانت ملي آهي، بيمار هجڻ سبب هو اڪثر اسپتال ۾ رهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سرڪار کي پنهنجا ئي ماڻهو ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهن، ملڪ ۾ اِن هائوس يا جمهوري طريقي سان تبديلي ايندي، اپوزيشن جماعتن جي مشوري سان ئي تحريڪ هلائي ويندي، بحرانن جهڙي حالت ۾ اپوزيشن ليڊر جو پرڏيهه ۾ رهڻ مناسب نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *