پي ٽي آءِ سربراهه جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط، عليم خان خلاف بنا جواز ڪارروائي اليڪشن ڪميشن کي نه ٿي سونهين:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي نه ٿو سونهين ته اها سندس جماعت يا عليم خان خلاف بنا جواز ڪارروائي ڪري. عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا محمد کي خط لکيو آهي. خط ۾ پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن قوم جي اعتماد ۽ جمهوريت جي نگهباني جي ذميوار آهي. عمران خان چيو ته جمهوريت جي مستقبل جو دارو مدار صاف ۽ شفاف اليڪشن تي آهي، هنن ڪميشن جي سرگرمين کي ڳــُجهو رکي اداري جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي. سندس چوڻ هو ته 1974ع جي اليڪٽرول ايڪٽ موجب شفاف ووٽر لسٽن جي تياري جي ذميوار اليڪشن ڪميشن آهي. عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اها ڳالهه نه ٿي سونهين ته اها تحريڪ انصاف يا عليم خان خلاف بنا جواز ڪارروائي ڪري. سندس چوڻ هو ته مئي 2013ع کان هن وقت تائين اين اي 122 مان 30 هزار ووٽرن کي خارج ڪيو ويو آهي. عمران خان چيو ته ووٽر لسٽ ۾ تبديلين جي جائزي لاءِ دستاويزي رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ عليم خان جي درخواست نومبر 2015ع کان التوا هيٺ آهي جڏهن ته اياز صادق عليم خان جي جي اهڙي درخواست جي مخالفت ۾ لاڳيتو سرگرم آهي. پِي ٽي آءِ سربراهه پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڄاڻ کي ڳــُجهو رکڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 19 اَي تي عمل ڪري ۽ بنا دير معلومات فراهم ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *