پي ٽي آءِ حڪومت کي معاشي بحران سبب آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پيو: حفيظ شيخ/شبلي فراز

اسلام آباد ( م.ڊ) ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ وفاقي وزير شبلي فراز گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي معاشي بحران سبب آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پيو، ملڪي معيشت کي پنهنجن پيرن تي بيهاري ڇڏيو، گذريل چئن مهينن دوران حڪومت هڪ رپيو به قرض ناهي ورتو. حفيظ شيخ چيو ته اسان خرچ گهٽايا ۽ ٽئڪس اوڳاڙي ۾ اضافو آندو آهي، آٽو موبائيلز ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، حڪومت پهريون ڀيرو ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي مالي مدد ڪئي آهي، شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ 42 لک ٽن ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، پرڏيهه مان گهرايل 19 لک ٽن ڪڻڪ به جلد ڏيهه پهچندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *