پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جي قتل الزام ۾ ميان افختار گرفتار، حالتون ٻيهر خراب، فوج طلب

پبي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي پارٽِي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ميان افختار حسين کي پي ٽي آءِ ڪارڪن جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، عدالت ۾ پيشي کان اڳ ميان افتخار حسين لڳايل الزام رد ڪندي چيو ته پٽ جي شهادت جو ڏک ڏٺو آهي، ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو هو جنهن جي سڃاڻپ حبيب الله جي نالي سان ٿي هئي جيڪو تحريڪ انصاف جو ڪارڪن هو، حبيب الله جي والد پبي ٿاڻي تي اي اين پي جي اڳواڻ تي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو ويو هو ته ميان افتخار پنهنجي گين مين کي اسان جي ريلي تي فائرنگ جو حڪم ڏنو جنهن ۾ هڪ ڪارڪن مارجي ويو، ايف آءِ آر ۾ ميان افتخار پنهنجي محافظن سميت نامزد آهي، ميان افتخار کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ نوشهره ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن کانپوءِ فوج کي طلب ڪرڻو پيو، پاڪ فوج پبي ۽ ٻين علائقن ۾ گشت ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *