پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان نيٺ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان نيٺ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو آهي ۽ مفتي سعيد انور بني گالا ۾ سندس نڪاح پڙهائي ڇڏيو آهي. حق مهر هڪ لک روپيا لکيو ويو، عمران خان جنهن جي شادي جو ڊگهي عرصي کان نه رڳو سندس مداحن پر سندس مخالفن کي به انتظار هو، نيٺ اڄ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ عمران خان جو نڪاح مفتي سعيد انور انتهائي سادگي سان پڙهائي ڇڏيو. عمران خان جي شادي ۾ عمران خان جون ڀينر يا سندس ڪي ٻيا ويجها عزيز شريڪ نه ٿيا، سندن عدم شرڪت جو سبب به سامهون نه اچي سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ڀينرن هُن لاءِ هڪ ٻيو رشتو پسند ڪيو هو ۽ عمران خان جڏهن ڀينرن جي ڳالهه نه مڃي ته ڪاوڙ ۾ سندس ڀينرن ۽ ٻين عزيزن سندس شادي ۾ شرڪت نه ڪئي. عمران خان ۽ ريحام خان جي نڪاح ۾ ذاڪر خان ۽ عون چوڌري گواهه طور شرڪت ڪئي. عمران خان جي شادي تقريب انتهائي سادگي سان ٿي ۽ مهمانن لاءِ مزيدار کاڌن بدران هڪ ڊش جو بندوبست ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *