پي ٽي آءِ، (ق) ليگ، پيپلزپارٽي، قومي وطن پارٽي، دهشتگردي ڪيسن لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ق) پيپلزپارٽي، قومي وطن پارٽي دهستگردي جي ڪيسن جي ٻڌني لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي اسلام آباد ۾ قومي پارليماني جماعتن جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ عمران خان چيو ته دهشتگردي جي ٽوڙ لاءِ پوري قوم تيار آهي تحريڪ انصاف دهشتگردي جي لعنت مان نجات لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي فوج ۽ قوم جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون عمران خان چيو ته هو فوج جي نگراني ۾ خصوصي عدالتونقائم ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو جڏهن ته هي عدالتون هڪ مخصوص وقت لاءِ ئي قائم ٿيڻ گهرجن مسلم ليگ (ق) جي مشاهد حسين سيد به فوجي عدالت قائم ڪرڻ جي حمايت تي آمريڪا جو مثال ڏنو جتي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڏوهه گهٽ آهن هن چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هي ئي حڪمت عملي اختيار ڪئي فوجي عدالتون قائم ڪري دهستگردن کي فوري سزائون ڏنيون وڃن. وزيراعظم قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون هڪ خانگي ٽي وي موجب پيپلزپارٽي به فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي مشروط حمايت ڪئي آهي قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ آفتاب احمد خان شيرپائو فوجي عدالتن جي حمايت ڪندي چيو ته مخصوص حالتون ۾ غير معمولي قدم وقت جي ضرورت آهي سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردي خلاف متحد ٿي وڙهڻ لاءِ تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *