پي ٽي آءَ چونڊ ۾ حصو وٺي جمهوريت کي مضبوط ڪيو، جمهوريت ۽ آئين جو دفاع ڪيو ويندو: اياز صادق

اسلام آباد(بيورو) نون ليگ اميدوار سردار اياز صادق 268 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو ٻيهر اسپيڪر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ اميدوار شفقت محمود 31 ووٽ حاصل ڪيا، اياز صادق عهدي جو حلف کڻندي چيو آهي ته اڄوڪي ڪاميابي سندس نه پر پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي سوڀ آهي. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس وقتي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 53 ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي نمب ر 9 موجب اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي. سڀ کان پهرين وزيراعظم نواز شريف ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان،اپوزيشن اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به پنهنجو ووٽ ووٽ وڌو.. 300 ميمبرن جي ايوان مان نواز ليگ اميدوار اياز صادق 268 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو 20 هون اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته پِي ٽي آءِ اميدوار شفقت محمود رڳو 31 ووٽ حاصل ڪيا. سردار اياز صادق کي پ پ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ف) ۽ فنڪشنل ليگ سميت سمورين پارٽين جي حمايت حاصل هئي. وقتي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي سردار اياز صادق کان عهدي جو حلف کڻايو. قسم کڻڻ بعد اسپيڪر اياز صادق پيپلز پارٽي، جَي يـُو آءِ (ف)، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين حمايت ڪندڙ جماعتن جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته هن اسپيڪر جي عهدي لاءِ ٻيهر نامزد ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پنهنجي پارٽي جا به ٿورا مڃيا. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ ميمبرن جو ٿورو مڃيندي چيو ته تحريڪ انصاف چونڊ ۾ حصو وٺي جمهوريت کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته کيس هڪ ئي اسيمبلي مان 2 ڀيرا اسپيڪر چونڊڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. اياز صادق چيو ته اڄوڪي ڪاميابي سندس نه پر پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي سوڀ آهي، گڏجي جمهوريت ۽ آئين جو دفاع ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *