پي سي بي چيئرمين ۽ ايم ڊي وسيم خان طرفان انضمام الحق کي ڀيٽا پيش

 

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ ايم ڊي وسيم خان پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪندڙ چيف سليڪٽر انضمام الحق جي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي پاڪستان ڪرڪيٽ جي رول ماڊل انضمام الحق رانديگر طور ۽ چيف سليڪٽر طور ملڪ جي خدمت ڪئي.احسان ماني چيو ته قائداڻي صلاحيتن ۽ ڪرڪيٽ جي وسيع تجربي سان نوازڻ تي اسان انضمام الحق جا ٿورائتا آهيون.اي ڊي پي سي بي وسيم خان چيو ته انضمام الحق پنهنجي ڪم سان پي سي بي ۾ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏي آهي.وسيم خان چيو ته پي سي بي نئين چيف سليڪٽر لاءِ اشتهار ڏيندو، مقرر وارو عمل ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *