پي سي بي چيئرمين جي گورنر سنڌ سان ملاقات، لاهور واقعي ڪرڪيٽ کي نقصان ڏنو: شهريار خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان اڱاري ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان سان ملاقات ڪئي. شهريار خان گورنر سنڌ سان ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ ۽ عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان جي دوري دوران فول پروف سيڪيورٽي متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيئرمين پي سي بي چيو ته لاهور واري واقعي سان قومي ڪرڪيٽ کي سخت نقصان پهتو پر حڪومت جي قدمن سان هڪ ڀيرو وري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جا دروازا کلي ويا آهن. ڪيترين ئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان ۾ ميچون کيڏڻ جو اشارو ڏنو آهي. تازو ئي ڪينيا جي ڪرڪيٽ ٽيم به پنهنجو دورو مڪمل ڪري چڪي آهي. ڪرڪيٽ بورڊ جلد پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچن لاءِ عالمي ٽيمن کي مدعو ڪندو. ان موقعي تي گورنر سنڌ پي سي بي چيئرمين جي خدمتن کي واکاڻيندي يقين ڏياريو ته ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ سان مڪمل سهڪار جاري رکندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچون انتهائي اڻٽر آهن. ڪينيا جي ٽيم جو پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آهي. حڪومت انٽرنيشنل ٽيمن کي پاڪستان جي دوري دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *