پي سي بي سرفراز احمد کي قومي ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائي ڇڏيو

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي سي بي سرفراز احمد کي قومي ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائي ڇڏيو آهي. قومي ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد هاڻ آسٽريليا جي دوري جي لاءِ به قومي ٽيم ۾ شامل نه  ٿي سگهندو. کيس ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي فارم بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.جڏهن ته آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ سيريز جي لاءِ اظهر علي کي ڪپتان بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٽيسٽ ۾ ان جو نائب امڪاني طور تي محمد رضوان هوندو.  ٻئي طرف آسٽريليا جي دوري جي لاءِ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪپتاني محمد حفيظ يا شعيب ملڪ مان ڪنهن هڪ کي ڏئي سگهجي ٿي. ڇو ته پي سي بي سمجهي ٿو ته بابراعظم اڃان ذميواري سنڀالڻ جي لاءِ ناتجربيڪار آهي البته ان حوالي سان حتمي فيصلو ڇنڇر جي ڏينهن ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي جي لاءِ بابر اعظم ۽ عماد وسيم مضبوط اميدوار آهي پر ٽيم مينجمينٽ چاهي ٿي ته ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ڏينهن واري ميچن ۾ ڪپتاني جي ذميواري بابر اعظم کي ڏني وڃي پر ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني ۾ محمد حفيظ جو نالو به سامهون اچي رهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان نون ڪپتانن جو اعلان تمام جلد ڪندو. جڏهن ته پاڪستان آسٽريليا ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *