پي سي بي جو عمر اڪمل جي سزا ۾ گهٽتائي خلاف عالمي عدالت وڃڻ جو فيصلو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي سزا ۾ گهٽتائي خلاف عالمي عدالت ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بورڊ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ۽ عمر اڪمل ڪيس ۾ راندين جي عالمي ٽياڪڙي واري عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي.بورڊ جو چوڻ آهي ته پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت ايڊجيوڊيڪيٽر جي فيصلي تي اپيل ٽياڪڙي عدالت ۾ ڪري سگهجي ٿي ۽ راندين جي عالمي ٽياڪڙي عدالت سوئٽزرلينڊ جي شهر لوزان ۾ قائم آهي.واضح رهي ته انڊپينڊنٽ ايڊجيوڊيڪيٽر ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي اپيل تي سندس سزا 36 مهينن مان گهٽائي 18 مهينا ڪري ڇڏي هئي ۽ جسٽس رٽائرڊ فقير محمد کوکر همدرداڻو رويو اختيار ڪندي پابندي جو مدو گهٽايو هو.ان حوالي سان بورڊ جو چوڻ آهي ته پي سي بي بدعنواني جي خاتمي بابت معاملن کي سنجيدگيءَ سان وٺندو آهي، انهن معاملن تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي ويندي آهي.پي سي بي موجب عمر اڪمل جهڙو سينيئر ڪرڪيٽر رابطن بابت آگاهه نه ڪرڻ جي نتيجن کان واقف هو، بورڊ اهڙن قدآور ڪرڪيٽر تي پابندي لاڳو ڪندي فخر محسوس ناهي ڪندو پر قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شخص سان همدردي نٿي ڪري سگهجي.واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت عمر اڪمل کي ٻن مختلف وقتن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 3 سال پابندي جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *