پي سي او مخالف جسٽس آصف سعيد کوسا 26 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي/اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس آصف سعيد کوسا پاڪستان جي 26 هين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيل پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس آصف سعيد کوسا کان حلف ورتو. وزيراعظم عمران خان به ان موقعي تي موجود هو. حلف برداري واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ جج شريڪ ٿيا. وفاقي ڪابينا ۽ پارليامنٽ جي ميمبرن کي به حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي جڏهن هٿياربند فوج جي سربراهن، سفيرن ۽ ٻين شعبن سان سلهاڙيل ماڻهن به شرڪت ڪئي. حلف برداري واري تقريب ۾ مختلف ملڪن جي چيف جسٽن ۽ سينيئر ججن به دعوت ڏني وئي هئي.17 جنوري 2019ع تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ جسٽس آصف سعيد کوسا پاڪستان جي 26 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي. پاڪستان جي نئين چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 21 ڊسمبر 1954ع پنجاب جي شهر ڊيرا غازي خان ۾ جنم ورتو.  جسٽس آصف سعيد کوسا 1975ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1977ع ۽ 1978ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي مان قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.  1979ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کان وڪالت جي شروعات ڪيائين ۽ 21 مئي 1998ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو.  اڳوڻي صدر جنرل (ر ) پرويز مشرف 7 نومبر 2007ع تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري آئين معطل ڪري ڇڏيو ، جسٽس آصف سعيد کوسا به انهن ججن ۾ شامل هو جن پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو.  آگسٽ 2008ع ۾ وڪلين جي تحريڪ کانپوءِ هو بحال ٿيو ۽ 2010ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو. جسٽس آصف سعيد کوسا سڀ کان وڌيڪ فيصلا لکندڙ جج طور پڻ مشهور آهي، کيس اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف توهين عدالت ڪيس کان شهرت ملي جنهن ۾ هن خليل جبران جو نظم ” پٽي دي نيشن “ لکيو هو.  جسٽس آصف سعيد کوسا 4 ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي، هن لمز يونيورسٽي، بي زيڊ يو ۽ پنجاب يونيورسٽي لا ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو وسيع تجربو پڻ حاصل آهي. هڪ اندازي موجب جج طور 19 سالن ۾ جسٽس کوسا اٽڪل 50 هزار ڪيسن جا فيصلا ٻڌائي چڪو آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي تي 3 سئو 47 ڏينهن رهڻ بعد آصف سعيد کوسا هن سال 20 ڊسمبر تي رٽائر ٿي ويندو.  جنهن بعد جسٽس گلزار احمد چيف جسٽس پاڪستان بڻجندو ۽ پهرين فيبروري 2022ع تي رٽائر ٿي ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *