پي اي سي جو اجلاس، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 39 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 39 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ڪئناڊا پاران ٽيچرز ٽريننگ لاءِ ڏنل گرانٽ مان به 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ضابطي جي خلاف استعمال ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اربع ڏينهن پبلڪ اڪائونٽيس ڪميٽي سنڌ جو اجلاس چيئرمين سليم رضا جلباڻي جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ نثار کهڙو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جا ميمبر، ڊي جي آڊٽ، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن جي معاملي تي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ايم پي اي ميمبر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سورٺ ٿيٻو وچ ۾ منهن ماري ٿي اجلاس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ آڊٽ رپورٽ جي روشني ۾ مالي سال 08 – 09 جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ پاران تعليم کاتي ۾ ٽيچرز ٽريننگ جي مد ۾ ملندڙ امدادي رقم ۾ بي ضابگي جي نشاندهي ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته هن پروجيڪٽ ۾ 15 ڪروڙ 13 لک کان وڌيڪ رقم خلاف ضابطه استعمال ٿي آهي ٽيچرز جي ٽريننگ 2007 ۾ ڪرائي وئي پر هن ٽريننگ لاءِ ڪتاب ۽ ٻئي مٽيريل جي ڇپائي 2008 ۾ ٿي، جنهن لاءِ ٻه ڪروڙ 7 لک جي رقم استعمال ڪئي وئي جڏهن ته ٽيچرز کي اسڪالرشپ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 39 لک جي رقم ڏني وئي جنهن جو ڪو به رڪارڊ نه آهي ۽ اها رقم ڪراس چيڪ جي ذريعي ناهي ڪئي وئي. ان سان ان رقم جي خرد برد ٿيڻ جا ثبوت ملن ٿا. هن چيو ته پابندي دوران تعليم کاتي عالمي ادارن پاران ڏنل گرانٽ مان گاڏيون به خريد ڪيون جنهن لاءِ 8 ڪروڙ جي رقم ادا ڪئي وئي پر گاڏيون صرف 2 ڪروڙ جون خريد ڪيون ويون ۽ باقي رقم جو ڪو به حساب ناهي ڏنو ويو جڏهن ته 67 لک رپيا فرنيچر جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا جنهن لاءِ رولز مطابق اوپن ٽينڊرز نه ڪيا ويا جملي طور تي هڪ سال دوران آڊٽ کانپوءِ 39 ڪروڙ 96 لک رپيا خرد برد ٿيڻ جي نشاندهي ٿي آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو اعتراف ڪيو ته ٽيچرز ٽريننگ لاءِ پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن ڪئي وئي پر ان وقت هو سيڪريٽري تعليم نه هو. هن ٻڌايو ته ٽيچرز جي ٽريننگ لاءِ هڪ ارب 46 ڪروڙ جي امدادي رقم حاصل ڪئي پر اهي منصوبا وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيا. جنهن سان 69 ڪروڙ رپيا حڪومت کي واپس ڪيا ويا. سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ٻڌايو ته هي پراجيڪٽ هن جي تعليم کاتي جي چارج وٺڻ کان اڳ جا آهن جيڪي ان جي دوري ۾ ڪم ٿي رهيو آهي هو ان جو ذميوار آهي. هڪ هڪ پائي جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جيڪي ماڻهو مون کان اڳ ڪم ڪري رهيا هئا انهن کي گهرائي حساب ڪتاب ورتو وڃي ۽ انهن ڪيسن جي وزيراعليٰ سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم جاچ ڪري رهي آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم کي ٻن هفتن ۾ بريفنگ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس جي دوران مسلم ليگ (ن) جي ايم پي اي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبر سورٺ ٿيٻو چيو ته سيڪريٽري تعليم بااثر شخص آهي ان لاءِ اجلاس ۾ ايڏي وڏي ڪرپشن تي خاموشي اختيار ڪئي پئي وڃي جنهن تي پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي سيد سردار احمد شاهه ۽ ٻين وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيڪريٽري تعليم چيو ته قمبرشهدادڪوٽ ۾ استادن جون جعلي مقرريون ٿيڻ جو اسڪينڊل آڏو اچڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي استادن کي ڏنل پروموشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي هن چيو ته منهنجي دور ۾ ڪو به غلط ڪم ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *