پي ايم آفيس جي هڪ فرد جي اشاري تي اعليٰ عملدارن جي ترقي ٿيندي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته سليڪشن بورڊ 2015 کي عدالت معطل ڪيو، پهريون ڀيرو ايئن ٿيو ته عدالت فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو، هن چيو ته پي ايم آفيس جي هڪ فرد جي اشاري تي اعليٰ عملدارن جي ترقي ٿيندي آهي، 90 جي لڳ ڀڳ اعليٰ عملدارن جي ترقي واپس ڪئي وئي، پي ايم آفيس جو اهو معاملو سياسي ٿي چڪو آهي، پارليامينٽ غور ڪري، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته عملدارن جي ترقي جي جائزي لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي بڻائي وڃي، پارلياماني ڪميٽي ۾ بيوروڪريٽس کي به شامل ڪيو وڃي، من پسند ماڻهن کي چونڊڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، وفاق سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *