پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سعيد غني ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سعيد غني ڪاميابي حاصل ڪري ورتي . پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ لاءِ صبح 8 وڳي کان پولنگ جو عمل بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري. چونڊ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي پ پ، ايم ڪيو ايم، آزاد اميدوار ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن جي حامين ۾ چڪريون پڻ ٿيون. رينجرز چنيسر ڳوٺ ۾ پولنگ اسٽيشن تي جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي الزام هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته يوسي 6 ۾ پولنگ اسٽيشن اندر زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي  رينجرز ۽ پوليس 11 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو. چونڊ دوران، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين عملدارن مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ پ پ جي سعيد غني کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين سعيد غني جي گهر پهچي سندس ڪاميابي جي جشن ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *