پي ايس 11 ۾ ننڍي چونڊ جا نتيجاچئلينج ڪرڻ جوا علان، هن سليڪشن کي وائکو ڪنداسين: بلاول زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري پي ايس 11 ۾ ننڍي چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سچ کي لڪائي نٿو سگهجي هن سليڪشن کي وائکو ڪنداسين اسان ٻيهر چونڊون ڪرائي هي سيٽ کٽنداسين هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي پنهنجن جيالن تي فخر آهي اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ جي باوجود انهن قابل عزت چونڊن لاءِ جدوجهد ڪئي هن چيو ته نيب پ پ پ ورڪرز ۽ انهن جي خاندانن کي نوٽيس موڪلي چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ڪئي هن چيو ته ووٽنگ واري ڏينهن رينجرز اهلڪارن پولنگ اسٽيشن اندر سمورا انتظام سنڀالي ورتا هن چيوت ه رينجرز اهلڪارن ليڊي ووٽرز کي حراسان ڪيو ۽ پولنگ ايجنٽس کي پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پولنگ جو عمل ڄاڻي واڻي آهستي هلايو ويو عورتن جي پولنگ اسٽِشنز تي جتي پ پ پ جي خاص حمايت هئي دير سان پولنگ شروع ڪئي ويئي ميڊيا مسلسل رپورٽ ڪندو رهيو ته ليڊي ووٽرز کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته اهي جي ڊي اي کي ووٽ ڏين هن چيوت ه اسان جي شڪايتن جي باوجود اليڪشن ڪميشن ڪوبه نوٽيس نه ورتو پ پ پ جي نامزد اميدوار کي پولنگ اسٽيشن اندر داخل نه ٿيڻ ڏنو ويو هن چيو ته اسان مسلسل صورتحال سنڀالڻ لاءِ چوندا رهياسي اليڪشن ڪميشن جي خاموشي ۾ ان جي بدنيتي ظاهر ٿي ويئي هن چيوت ه سياسي انجنيئرنگ جي باوجود پ پ پ، جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ اتحاد جي برتري کي هڪ سال کان گهٽ عرصي ۾ گهٽايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *