پي ايس ۱۱۴: ايم ڪيو ايم جي درخواست رد، سعيد غني جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو)  اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي تڪ پي ايس ۱۱۴ جي چونڊ بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪندي معاملو اليڪشن ٽربيونل کي اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سعيد غني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پي ايس ۱۱۴ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪامران ٽيسوري جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ۵ رڪني ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، فيصلي ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪئي وئي ۽ معاملو اليڪشن ٽربيونل کي موڪليو ويو ۽ ايم ڪيو ايم کي ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ سعيد غني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شفاف ترين اليڪشن ٿي، رينجرز ۽ سياسي اڳواڻ ڄاڻين ٿا ته ڪابه ڌانڌلي ناهي ٿي، ايم ڪيو ايم به اها ڳالهه ڄاڻي ٿي، پوليس جو هڪ به ماڻهو اندر موجود نه هو، پر اتي هڪ سوچيل سمجهيل رٿا تحت هنگامو ڪرايو ويو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ڏک ۽ افسوس ٿيو، انصاف جي تقاضا پوري ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *