پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچن جو پهريون مقابلو لاهور جي نانءُ

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي 15هين ميچ ۾ لاهور قلندرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جي شروعات ابو ظهبي ۾ ٿي وئي آهي ۽ پهرين لاهور قلندرز اسلام يونائيٽيڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون ٺاهيون، فهيم اشرف 27 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.جواب ۾ لاهور قلندرز گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.لاهور قلندرز طرفان ڪپتان سهيل اختر 40 رنسن سان اڳڀرو رهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *