پي ايس ايل فور لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان، انگلش امپائر مائيڪل گف به شامل

 

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل 4 لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ايس ايل جي چوٿين سيزن جي باطابطا شروعات 14 فيبروي کان ٿيندي ۽ ايونٽ جي سموريون ميچون گڏيل عرب امارتن سميت پاڪستان ۾ 8 ميچون کيڏيون وينديون جنهن لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتون شامل آهن.  پي ايس ايل 4 ۾ 4 پرڏيهي ۽ 8 ملڪي آفيشلز ذميواريون سرانجام ڏيندا. امپائرنگ لاءِ مائيڪل گف، رچرڊ النگورٿ ۽ رينمور مارٽينز شامل آهن جڏهن ته سريلنڪا جو روشن ماهناما ميچ ريفري جا فرض ادانڀائيندو.  پي سي بي موجب پاڪستان جا 6 امپائر ۽ ٻه ميچ ريفري ايونٽ جو حصو هوندا جڏهن ته جڳ مشهور پاڪستاني امپائر ذاتي مصروفيتن سبب ايونٽ جو حصو نه هوندو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جو مائيڪل گف پاڪستان ۾ رٿيل ميچون سُپروائز ڪندو.  پي سي بي موجب ٽي رڪني ٽيڪنيڪل ٽيم به جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو اوپنر مدثر نذر ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *