پي ايس ايل فائيو ۾ شامل پرڏيهي ڪوچ ۽ رانديگر انتظامن مان مطمئن

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) فائيو جي پشاور زلمي جي هيڊ ڪوچ محمد اڪرم چيو آهي ته هن ڀيري بيلنس اسڪواڊ آهي، شعيب ملڪ جي اچڻ سان اسڪواڊ مضبوط ٿي ويو آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل جو چوڻ آهي ته مثبت سوچ سان پي اي ايل کيڏنداسين، هن ڀيري به ماضي جيان ئي رٿابندي ڪنداسين.هن چيو ته في الحال منهنجو ڌيان پي ايس ايل تي آهي، پاڪستان ٽيم بابت نه سوچي رهيو آهيان. آل رائونڊر شعيب ملڪ جو چوڻ آهي ته ڪپتاني جو شوق ناهي، رڳو پاڪستان لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو. فاسٽ بالر حسن علي جو چوڻ آهي ته مان بلڪل فٽ آهيان ۽ پنهنجي ٽيم پشاور زلمي لاءِ موجود هوندس، هن چيو ته ماڻهو ڪارڪردگي تي سوال ڪن ٿه سٺو پر ذاتي زندگي تي سوال قبول ناهنئ امام الحق جو چوڻ آهي ته پرچي جي مهڻن کي اڄ به انجواءِ ڪندو آهيان، ماڻهن جون ڳالهيون دل تي کڻڻ بدران انهن کي نظر انداز ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *