پي ايس ايل: شرجيل جي سينچري زيان، اسلام آباد ڪراچي کي شڪست ڏيئي ڇڏي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪراچي طرفان مليل 196 رنسن جو هدف اسلام آباد 19.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.فاتح ٽيم طرفان ايليڪس هيلز 46، فهيم اشرف 25، افتخار احمد 49، حسين طلعت 42 ۽ آصف علي 21 رنسن جي اننگز کيڏي.ان کان اڳ شرجيل خان جي شاندار سينچري جي مدد سان ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون.ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي ڪراچي ڪنگز طرفان شرجيل خان ۽ بابر اعظم اننگز جي شروعات ڪئي ۽ پهرين وڪيٽ لاءِ 176 رنسن جي رڪارڊ ڀائيواري قائم ڪئي.شرجيل خان 59 بالن تي 8 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 105 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 62 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيندي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ڪاميابي لاءِ 197 رنسن جو وڏو هدف ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *