پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ۾ مطعل رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پاڪستان سپر ليگ اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ معطل رانديگرن جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجن رانديگرن خالد لطيف، شرجيل خان، محمد عرفان، شاهه زيب حسن ۽ ناصر جمشيد جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. چوڌري نثار چيو ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي جاچ جي لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پيا اهي کڻنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي هر رخ کان شفاف، غير جانبدار جاچ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *