پي ايس ايل: اسلام آباد دلچسپ مقابلي کانپوءِ پشاور کي شڪست ڏئي ڇڏي

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ پشاور زلمي کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ابو ظهبي ۾ پشاور زلمي 247 رنسن جي جبل جيڏي ٽارگيٽ پويان ڀرپور مزاحمت ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهيون.پشاور طرفان شعيب ملڪ 68 ۽ ڪامران اڪمل 53 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان وهاب رياض 28، عميد آصف 20، رٿ فورڊ 29 رنسون ٺاهيون.ان کان اڳ اسلام آباد ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهيون.اهو پاڪستان سپر ليگ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم طرفان سڀ کان وڏو اسڪور آهي.اسلام آباد طرفان عثمان خواجا 56 بالن تي 105 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.ٻين رانديگرن ۾ ڪولن منرو 47، برينڊن ڪنگ 46 ۽ آصف علي 43 رنسون ٺاهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *