پي آئي اي ۽ واپڊا جي مزدورن تي ظلم نه ڪيو وڃي، مزدور ۽ هاري هڪ ٿي ويا ته وزيراعظم جو خير ناهي: خورشيد شاهه

راولپنڊي (م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پي آئي اي ۽ واپڊا جي مزدورن تي ظلم نه ڪيو وڃي،جيڪڏهن مزدور ۽ هاري هڪ ٿي ويا ته وزيراعظم جو خير ناهي. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ قمر الزمان قائرا راولپنڊي ۾ احتجاج ڪندڙ پي آئي اي ملازمن جي ڌرڻي ۾ پهتا ۽ انهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نوازشريف هڪ مهينو اڳ قومي ادارن جي  جي نجڪاري نه ڪرڻ جو چيو هو۽ ادارن جي نجڪاري نه  ڪرڻ به مسلم ليگ ن جي منشور جو حصو آهي،پاڪستان جي مزدور کي مزدور نه سمجهيو وڃي ۽ جيڪڏهن سرڪاري ملازم ۽ هاري هڪ ٿي  ويا ته وزيراعظم جو خير ناهي.سندس چوڻ هو ته وزيراغظم جمهوريت جا عذاب ڀوڳيا ۽ پنهنجي حڪومت به وڃائي پر هن انهن مان ڇا سکيو، گذريل ڏينهن هن پي آئي اي ملازمن لاءِ جيڪو ڪجهه چيو اها ڳالهه ضياالحق يا پرويز مشرف ڪري ها ته گهڻو عجيب نه لڳي ها ،پر توهان چيو هو ته مان آخري ماڻهو هوندس جيڪو نجڪاري جي ڳالهه ڪندس. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته ايوب خان کان وڌيڪ سگهارو ڪو به جرنل نه هو ۽ هن جيڪڏهن  هڪ بي ڏوهي شاگرد کي قتل ڪرايو ته مزدور هڪ ٿي ويا ۽ کيس اقتدار تان هٿ ڌوئڻا پيا،مزدورن کي بي روزگار نه ڪيو وڃي،مزدور توهان جو اقتدار نه پر پنهنجو حق گهري رهيا آهن.خورشيد شاهه سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي ته ڪراچي ائرپورٽ واقعي تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *