پي آئي اي ملڪ جي سڃاڻپ آهي،ايم ڪيو ايم ملازمن جي مطالبن جي حمايت ڪري ٿي: فاروق ستار

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) پي آئي اي ملڪ جي سڃاڻپ آهي،اهڙن خيالن جو اظهار حڪمرانن کي نياپو ڏيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو.سندس چوڻ هو ته  خانگائڻ جو مطلب آهي تباهه ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم پي آئي اي ملازمن جي سڀني مطالبن جي حمايت ڪري ٿي.تفصيل مطابق ڪراچي پي آئي اي هيڊ آفيس ۾ گڏيل ايڪشن ڪميٽي سان گڏ احتجاج

ڪندڙ ملازمن سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پي آئي اي اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي سفير آهي.ننڍپڻ ۾ ڪاغذ جا جهاز اڏائيندڙ پي آئي اي کي به اهڙي ريت سمجهون ٿا.حڪمرانن قومي ادارن جو نيلام گهر سينگاري رکيو آهي،اهڙو نيلام گهرسينگارجڻ نه ڏينداسين.ايم اين اي آصف حسنين چيو ته ايم ڪيوايم خانگائڻ جي خلاف ملازمن جي جدوجهد ۾ گڏ آهي.ايم ڪيو ايم ملازمن جي سڀني مطالبن جي حمايت ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *