پي آئي اي ملازمن طئي ٿيل حد اورانگهي،جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ تيار آهيون: قائم علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي آئي اي ملازمن طئي ٿيل ۽ ڏنل حد اورانگهي آهي، پڪ ڏياري وئي هئي ته ٽرمينل ون نه وينداسين،ملازم جيڪڏهن چون ته جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ تيار آهيون،اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وضاحت ڏيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪي.سندس چڻ هو ته ملازم چون ته  اڄ ئي چيف جسٽس کي خط لکان ٿو،پي آئي ملازمن سان زباني پر عملي همدردي آهي.قائم علي شاهه چيو ته امن قائم رکڻ واري فرض تي عمل ڪيو آهي،پي آئي اي جا ملازم پر امن احتجاج ڪن.سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهن ختم ڪيا ويا آهن،آصف علي زرداري 60 هزار ملازمن کي واپس آندو،پيپلز پارٽي نجڪاري کي به قبول نه ڪيو،بجلي جي نجڪاري واري وقت به اسان ڌرڻا هنيا.سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسان مزدور دوست آهيون،احتجاج وارو پتو هليو ته آفيسرن کي ڳالهين جو چيو ويو ۽ لٺيون ۽ واٽر ڪينن ترت روڪڻجي ڳالهه ڪئي،پيپلز پارٽي هميشا مزدورن لاءِ ڪم ڪيو ،جنهن جو ڪريڊٽ ذوالفقار ڀٽو،بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *