پي آئي اي ملازمن جي قتل تي ماڊل ٽائون سانحي جيان ڍَڪُ نه رکڻ ڏينداسين: آصف زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري پي آئي اي جي ملازمن جي ظالماڻا قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان جا ذميوار آهن ترت ئي انهن جي مک تان پڙدو هٽايو وڃي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي.آيف زرداري جو چوڻ هو ته پي آئي اي جي انهن ملازمن جي خلاف طاقت جو استعمال ڏوهه وارو عمل آهي،جيڪي پنهنجي قانوني حق لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا،ڇو ته سندس روزگار خطري ۾ آهي.ان واقعي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي ۽ ذميوارن کي ترت سزا ڏني وڃي.اڳوڻي صدر جي ترجمان فرحت الله بابر چيو ته اڳوڻي صدر اها ڳالهه به چئي هئي ته عوام ڪنهن به ريت  لاهور ماڊل ٽائون واقعي جيان هن واقعي تي پڙدو وجهڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندو ۽ پيپلز پارٽي به ان قتل تي ڍڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي.ان واقعي حڪومت جي صورتحال کان طاقت ذريعي منهن ڏيڻ جي ڪوشش کي بينقاب ڪيو آهي ۽ حڪومت پي آئي اي جو معاملو حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.سندس چوڻ هو ته وفاقي وزيرن جي نجڪاري بابت ٻٽي سياست ان ڳالهه مان به ثابت ٿي چڪي آهي ته لازمي سروس قلم لاڳو ڪري هو ڪارڪنن کي دٻائڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *