پي آئي اي ملازمن تي گوليون هلائڻ سازش هئي: وزيراعظم کي رپورٽ پيش

اسلام آباد (بيورو) پي آئي اي ملازمن جي احتجاج ۾ ڪنهن به سطح تي مظاهرو ڪندڙن تي گولي هلائڻ جو حڪم نه ڏنو ويو هو.واقعي بابتوزيراعظم کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي آئي اي جي بهتري لاءِ ڪوششون خراب ڪرڻ جي سازش ٿي.تفصيل مطابق وزيراعظم نوازشريف کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ واقعي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنهن به سطح تي مظاهرو ڪندڙن تي گولي هلائڻ جو حڪم نه ڏنو ويو هو،اها پي آئي اي جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي خراب ڪرڻ جي سازش هئي.رپورٽ ۾ وزيراعظم کي صلاح ڏني وئي آهي ته حڪومت هاڻي نجڪاري جي معاملي تي پوئتي نه هٽي.هي حالتون جاري رهيون ته پي آئي اي کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ سان به ڪو فرق نه پوندو،جڏهن ته سروس ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پي آئي اي ۾ ڪنهن ايڪشن ڪميٽي يا يونين جي ضرورت ناهي.پي آئي اي چيئرمين ناصر جعفر جي استعيفيٰ جي حوالي سان به آخري فيصلو وزيراعظم ترت ڪندو. اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته حڪومت پي آئي اي جو نجڪاري بابت بل سينيٽ مان پاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪرائيندي.ٻئي پاسي پي آئي اي جي مظاهرو ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان به مٽايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *