پي آءِ اي ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پر حڪومت خاموش آهي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي آءِ اي ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پر حڪومت خاموش آهي، وزيراعظم جي زبان ۾ نرمي بدران سختي اچي وئي آهي.. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پي آءِ اي بابت بل جلد بازي ۾ منظور ڪرايو ويو، هنن تجويز ڏني هئي ته گڏ ويهي معاملي کي حل ڪيووڃي، هُو وزيراعظم جو پارليامينٽ ۾ اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن… خورشيد شاهه چيو ته اورينج لائين ٽرين منصوبي تي لڳايل پئسو سڄي پاڪستاني عوام جو آهي، هارين جي ترقي ۽ بيروزگاري جي خاتمي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. خورشيد شاهه چيو ته پي آءِ اي واري معاملي تي حڪومت ضد ڇڏي، ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي زبان ۾ نرمي بدران سختي اچي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *