پي آءِ اي ۽ خانگي ايئرلائينز عيد کان اڳ ڀاڙا وڌائي ڇڏيا

ڪراچي  (اين اين آءِ) عالمي مارڪيٽ ۾ ايويئيشن فيول جا اگهه وڌڻ کانپوءِ پي آءِ اي سميت خانگي ايئر لائينز ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، هاڻ لاهور کان ڪراچي جو ٻنهي پاسن جو ڪرايو 14 هزار مان وڌي 31 هزار ٿي ويو آهي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ۽ خانگي هوائي ڪمپنين ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، هوائي ٽڪيٽون وڌڻ سبب عيد جي موقعي تي مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻُ پوندو، عالمي مارڪيٽ ۾ جيٽ فيول جي اگهن ۾ واڌ ۽ رپئي جو ملهه ڪرڻ سبب پي آءِ اي سميت خانگي ايئر لائينز اوچتو ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، هوائي ڪمپنين لاهور، ڪراچي، اسلام آباد، پشاور وچ ۾ هلندڙ اڏامن جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، ايئر بليو جو لاهور کان ڪراچي جي ريٽرن ٽڪيٽ 35 هزار 5 سئو رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي، سيرين ائير جو لاهور کان ڪراچي جو ٻه طرفو ڪرايو 39 هزار 5 سئو رپيا ٿي ويو آهي، ايئر لائين ٽڪيٽ ۾ واڌ اپريل جي ماهوار فيول پرائيز ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي آهي، ٻئي پاسي پي آءِ اي، ايئر بليو ۽ سيرين ايئر پاران ملڪ اندر فلائيٽ آپريشن لاءِ جهازن جو انگ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *