پي آءِ اي کي خانگائڻ ۾ جلدبازي ڪرڻ سان اشارا ڪنهن کي نوازڻ طرف وڃي رهيا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پي آءِ اي کي خانگائڻ ۾ جلدي ڪرڻ سان اشارا ڪنهن کي نوازڻ پاسي وڃي رهيا آهن، تفصيل مطابق اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي الله نه ڪري ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون، پر جڏهن وقت ايندو آهي ته توهان حڪمران ٿي ويندا آهيو ۽ رڳو پنهنجي لاءِ ئي سوچيندا آهيو عوام لاءِ نه. پي آءِ اي کي خانگائڻ ۾ جلدي ڇا جي آهي، ڪنهن کي نوازڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي، اشارا ان پاسي وڃن ٿا، خيال ڪريو.مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته مسلم ڀاءُ ملڪ ۾ وزيراعظم جي دوست سيف الرحمان پڻ رهندو آهي، ڪيترائي دوست هن ايوان ۾ موجود آهن جيڪي سيف الرحمان جي نالي کان چڙندا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *