پي آءِ اي پاران سانحي ۾ شهيدن جا لاش بنا معاوضي پاڪستان آڻڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي چيئرمين ناصر جعفر اعلان ڪيو آهي ته منيٰ سانهي ۾ شهيد پاڪستانين جا لاش بنا معاوضيپاڪستان آندا ويندا ناصر جعفر مطابق منيٰ سانحي ۾ شهيد ماڻهن جا اهي وارث جيڪي لاش سعودي عرب مان پاڪستان آڻڻ گهرن ٿا انهن لاءِ پي آءِ اي بنا معاوضي هي ڪم ڪندي پي آءِ اي منيٰ سانحي جي سمورن متاثرن کي جوڳي مدد فراهم ڪندي قومي ايئر لائين جي چيئرمين ان سلسلي ۾ جدا ۾ موجود پي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ڪسٽم سروسز خرم مشتاق کي هدايتون جار يڪري ڇڏيون آهن هوڏانهن وزيراعظم نوازشريف جي هدايت تي مذهبي معاملن جي وزارت سانحي ۾ غائب پاڪستانين جي گهرڀاتين کي ضروري معلومات ۽ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هيلپ لائين قائم ڪري ڇڏي آهي پاڪستان ۾ ٽول فري نمبر 012111725425 تي فون ڪري معلومات وٺي سگهجي ٿي جڏهن ته سعودي عرب سميت بيروني ملڪ مان 8001166622 تي ٽيليفون ڪري منيٰ سانحي بابت معلومات وٺي سگهجي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *