پي آءِ اي ملازمن جو قتل: واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي پي آءِ اي جي ٽن ملازمن جي قتل ۽ صحافين تي تشدد واري واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. پيپلز پارٽي جا ميمبر پي آءِ اي ملازمن تي تشدد واري واقعي خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻـَڌي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس دوران سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي، پي آءِ اي ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن تي تشدد واري واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. حڪومت طرفان ٺهراءُ پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن اعتراض ڪندي احتجاج ڪيو. ان دوران اپوزيشن ليڊر خواجا اظهارالحسن ۽ صوبائي وزير نثار کهڙي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي جنهن سبب ايوان ۾ گوڙ پيدا ٿي ويو ۽ اپوزيشن ميمبر اٿي بيهي رهيا. ان موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني اپوزيشن ميمبرن کي پنهنجين سيٽن تي ويهڻ جي هدايت ڪئي. خواجا اظهار الحسن چيو ته حڪومت پاران ٺهراءَ جي ڪاپي فراهم نه ڪئي وئي،قرارداد پيش ڪرڻ کان اڳ سڀني کي ڪاپي ڏيڻ گهرجي. خواجا اظهار الحسن چيو ته حڪومت پنهنجي مرضي جا بل ۽ ٺهراءَ اسيمبلي ۾ آڻڻ چاهي ٿي. اپوزيشن ليڊر چيو ته کيس ٺهراءَ جي ڪاپي ملي ئي ناهي، پوءِ اعتراض ڪهڙي ڳالهه جو هـُجي؟سڀني کي گڏ وٺي هلڻ گهـُرجي. خواجا اظهار الحسن چيو ته گذريل ڏينهن متحده ميمبر ڪامران اختر پي آءِ اي جي ملازمن تي تشدد خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو هو. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته ڪامران اختر جو جمع ڪرايل ٺهراءُ رڳو صحافين تي تشدد جو هو. خواجا اظهار الحسن چيو ته ٺهراءَ ۾ زخمي ٿيل صحافين جا نالا به شامل ڪيا وڃن. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ٺهراءَ ۾ صحافين جا نالا آڻڻ ضروري ناهن، بحث ۾ انهن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. هن چيو ته هن پي آءِ اي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي آهي، ٺهراءَ ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي جنهن تي اعتراض ڪيو وڃي. هن چيو ته سندن ٺهراءَ ۾ ترميم نه ڪئي وڃي، جنهن کي ٺهراءُ آڻڻو آهي اهو پنهنجي ڌار قرارداد آڻي. بعد ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف، نون ليگ ۽ فنڪشنل ليگ ميمبرن پي آءِ اي ملازمن ۽ صحافين تي تشدد بابت گڏيل ٺهراءُ آندو. گڏيل ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پي آءِ اي جي ٽن ملازمن جي قتل ۽ صحافين تي تشدد واري واقعي جي شفاف جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. پ پ ميمبر امداد پتافي چيو ته ڪالهه وارو ڏينهن ملڪي تاريخ جون ڪارو ڏهاڙو هو، حڪمران ضياءَ الحق جي پيداوار آهن ۽ سندس روح کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙو عمل ڪيو آهي. پ پ جي سڪندر شوري چيو ته حڪمران ملڪ کي به خانگائڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، عوام کان احتجاج جو حق کسيو پيو وڃي. نون ليگ ميمبر سورٺ ٿيٻو چيو ته پي آءِ اي واقعي تي سڄي قوم کي ڏک آهي، پر سنڌ اسيمبلي ۾ ٿر جي معاملي تي ٺهراءُ ڇو نه ٿو آندو وڃي، ڇا اهي اسان جا ٻچا ناهن؟ هن چيو ته اڄ جيڪي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن انهن کان پڇيو وڃي ته ادارن ۾ ڪرپشن جون پاڙون ڪنهن مضبوط ڪيون؟ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته حڪمران پي آءِ اي جي ڪـَڍ لڳل آهي، انهن ٻاهران اهي جهاز گهـُرايا جيڪي ٻين ملڪن پاڻ وٽ هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. شهلا رضا چيو ته پي آءِ اي حڪمرانن جي ماءُ جو زيور ناهي، جو جڏهن چاهين وڪرو ڪن، هاڻي 12 مئي وارو دور گــُذري ويو. فنڪشنل ليگ ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته گولي ڪٿان هلي اهو وڏو سوال آهي، اهي ڪير آهن جيڪي ميڙ ۾ اچي گوليون هلائي وڃن ٿا؟ هن چيو ته سياسي بنيادن تي ماڻهن کي ادارن ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، هر اچڻ واري حڪومت نون ماڻهن کي ڀرتي ڪري ادارن ۾ بحران پيدا ڪندي آهي. پي ٽي آءِ ميمبر حفيظ الدين چيو ته پي آءِ اي ملازمن تي فائرنگ جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ۽ واقعي تي حڪمرانن کان بنا دير حساب ورتو وڃي. اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون هڪٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن، ٻئي حڪومتون عوام کي اهميت نه پيون ڏين. هن چيو ته احتجاج سڄي ملڪ ۾ ٿيو پر گوليون ڪراچي ۾ هلايون ويون. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته پي آءِ اي ملازمن سان وفاقي حڪومت جو رويو غير جمهوري آهي. هن چيو ته پي آءِ اي کي خانگائڻ نه ڏنو ويندو، ادارا خانگائڻ سان ڪڏهن به فائدو نه ٿيو آهي. فنڪشنل ليگ ميمبر ڄام مدد علي چيو ته سنڌ ۾ احتجاجن تي حملن جي روايت پئجي وئي آهي، پي آءِ اي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون هيون. ڄام مدد علي چيو ته ڪراچي آپريشن جو ڪپتان پي آءِ اي ملازمن تي گوليون هلائڻ واري واقعي جو ذميوار آهي. فنڪشنل ليگ جي ئي ميمبر شهريار مهر چيو ته پي آءِ اي خساري ۾ ناهي پر اتي آفيسرن کي پگهارون ۽ مراعتون وڌيڪ ڏنيون وڃن ٿيون. بحث کانپوءِ ايوان گڏيل ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *