پيپلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي ۽ نه ئي ٺهندو. رڳو پ پ ئي فارورڊ بلاڪ آهي باقي سڀ بيڪورڊ بلاڪ آهن: نثار کهڙو

حيدرآباد ( بيورو رپورٽ ) پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه آهي ۽ نه ئي ٺهندو. رڳو پ پ ئي فارورڊ بلاڪ آهي باقي سڀ بيڪورڊ بلاڪ آهن، پ پ ۾ شامل سڀئي ماڻهون پارٽي سان سچا آهن ۽ انهن جو پارٽي چيئرمين تي پورو اعتماد آهي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته آغا سراج دُراني کي اهو اعزاز آهي ته هو سڀ کان وڌيڪ عرصو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو آهي، کيس نٿو لڳي ته سندس خلاف ڪير سازش ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نيب چيئرمين پهرين چئي ڪو آهي ته جيڪڏهن هُن حڪومتي ميمبرز خلاف ڪارروائي ڪئي ته وفاقي سرڪار ڪري پوندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *