پيپلز پارٽي ڪشمير مسئلي تي حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل سان خطي ۾ امن قائم ٿيندو، ڀارتي جارحيت خلاف متحد ٿي جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي، قومي اتحاد سان ڪامياب ٿينداسين، عمران خان جي سولو فلائيٽ ٻين پارٽين لاءِ مشڪل آهي، جمهوريت خلاف ڪنهن به قدم جو حصو نه بڻجنداسين، سومر تي اي پي سي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪشمير مسئلي تي سموريون سياسي پارٽيون گڏ آهن، هن چيو ته فوجي طاقت سان ڪشمير مسئلو حل نٿو ٿي سگهي، ڳالهين سان امن قائم ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ڀارت ظلم سان ڪشميرين جو رستو نٿو روڪي سگهي، ڪشمير عوام ڄاڻي ٿو ته پرامن جدوجهد سان اها آزادي ماڻيندي، اسان پهريون قدم کنيو آهي ۽ ڪشمير اشو تي حڪومت سان گڏ آهيون، هن چيو ته ڀارتي اخلاقي طور تي جنگ هاري چڪو آهي، هن چيو ته هندو قومپرستن جي رد عمل سان ڀارت جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي، اها پاڪستان لاءِ هڪ ٽرننگ پوائنٽ آهي، اسان کي گڏجي ڀارت جو جواب ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن گڏجي ڀارت کي جواب نه ڏنو ويو ته اسان جي پوزيشن ڪمزور ٿي ويندي، هن چيو ته عمران خان احتساب جي حوالي سان تمام سٺا نقطا اٿاريا آهن، هن جو نوجوانن کي متحرڪ ڪرڻ تعريف جو ڳو عمل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *