پيپلز پارٽي پيٽرول بحران تي قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارتي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ملڪ ۾ جاري پيٽرول بحران تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول بحران سبب عوام سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي جڏهن ته حڪومت جو ڪم عوام کي رليف فراهم ڪرڻ هوندو آهي پر ان بحران سان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي، متن ۾ چيو ويو آهي ته موجوده بحران جي ذميوار پيٽروليم، خزاني ۽ پاڻي ۽ بجلي واريون وزارتون آهن پر ذميوارن خلاف ڪارروائي بغير ئي 4 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته حڪومت ان بحران جي اصل ذميوار خلاف ڪارروائي ڪري ايوان ۾ وضاحت پيش ڪري ان کان علاوه عالمي منڊين ۾ تيل جي قيمت 50 ڊالر في بيرل کان به گهٽ ٿي آهي ان صورتحال ۾ حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي مد ۾ عوام کي وڌيڪ رليف ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *